پاڪستان کي مضبوط معاشي ترقي جي ضرورت آهي.ناڻي واري وزير شوڪت ترين

0
84

ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته 2008ع کان 2018ع تائين معيشيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم نه ڪيو ويو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين معيشيت کي نظرانداز ڪيو ويو، پاڪستان کي سيڙپڪاري،مضبوط معاشي ترقي جي ضرورت آهي.وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا جي ڇهين وڏي معيشت هئي.شوڪت ترين چيو ته افغان جنگ پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ معيشيت ۾ ٽيڪسز جو حصو نه وڌي سگهيو، ڪورنا دوران عمران خان جي پاليسي کي دنيا ساراهيو، غريب طبقي فنڊ ڏنا پيا وڃن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وئي، ڊرائنگ روم ۾ ويهي افواهون پيکڙيون پيون وڃن، آءِ ايم ايف سان ڳالهايون مڪمل ٿي ويون آهن، جواب جو انتظار آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here