عمران خان پنهنجي ڪرندڙ ساک بچائڻ لاءِ پرڏيهي پاليسي کي داءُ تي لڳايو: شيري رحمان

0
116

آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس بعد عمران خان جا پول پڌرا ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر شيري رحمان ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس بريفنگ جي آجيان ڪري ٿي، ذميوار قومي ادارن واضح ڪري ڇڏيو ته ڪا به سازش ناهي ٿي.پيپلز پارٽي اڳواڻن چيو ته آءِ ايس پي آر جي بيان بعد عمران خان جي سازش واري بيانئي مان هوا نڪري وئي آهي، عمران خان کي سازش نه پر آئيني طريقي سان هٽايو ويو. ڪوڙي خط کي اپوزيشن سان ڳنڍڻ جي سازش ڪئي وئي، عمران خان خلاف ڪا به پرڏيهي سازش نه ٿي آهي.شيري رحمان چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر به بريفنگ ڏني ته خط ۾ لفظ سازش جو ڪو به ذڪر نه آهي، نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سازش جي حوالي سان ڪو به ذڪر نه ٿيو.هن چيو ته آمريڪا پاڪستان کان ڪو به فوجي اڏو ناهي گهريو عمران خان جي الزامن ۾ ڪو به وزن نه آهي..سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن خط صحيح هو ته آمريڪي سفير کي ڇو نه گهرايو ويو؟پي ٽي آءِ وارن سياسي شڪست ڏسي خط جو ڊرامو ڪيو.شيري رحمان چيو ته ملڪ کي بند گهٽي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here