ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي کي ساهه پٽينداسين:بلاول ڀٽو زرداري

0
96

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالقفار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، سندس نظريو، جدوجهد ۽ قربانيون لازوال آهن

شهيد ذوالقفار علي ڀٽو جي 95هين سالگرهه جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀُٽي جو نالو اڄ به پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي

هن عزم جو اظهار ڪيو ته جماعت جي باني چيئرمين جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 73 جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل، ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي کي ساهه پٽينداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here