ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائڻ واري سلسلو جاري

0
313

2022 جي پڄاڻي تي واٽس ايپ گروپ ڪالنگ کي بهتر بڻايو، جڏهن ته گذريل ڪجهه مهينن دوران پراڪسي سرورز سپورٽ ۽ اسٽيٽس ۾ وائس نوٽس سميت مختلف فيچر آندا ويا

هاڻ ڪمپني طرفان واٽس ايپ گروپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 3 نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن

هڪ فيچر بنيادي طور ڪنهن واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ماڻهن جي انگ ۾ واڌ جو آهي

ان حوالي سان واٽس ايپ گروپن جي ميمبرن جو انگ 512 مان وڌائي 1024 ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ٻيو فيچر ايڊمن ڪنٽرول جو آهي، ان فيچر ذريعي واٽس ايپ گروپن جي ايڊمنز کي وڌيڪ ڪنٽرول فراهم ڪيو پيو وڃي

هاڻ گروپ ۾ ڪنهن به ميمبر کي شامل ڪرڻ کان اڳ گروپ ايڊمن جي رضامندي گهربل هوندي، اڳ ۾ ائين نه هوندو هو

ٽيون ڪامن گروپس جو فيچر آهي، ان فيچر سان واهپيدار ڪنهن واٽس ايپ دوست جو نالو سرچ ڪري اهو ڄاڻي سگهندا ته اهو ڪيترن گروپن جو حصو آهي، جن جا توهان به ميمبر آهيو

واٽس ايپ ٻڌايو آهي ته ايندڙ هفتن ۾ واهپيدار انهن فيچرن کي استعمال ڪري سگهندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here