ٻوڏ متاثر پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽي رهيا آهن: شرجيل ميمڻ

0
98

ٻوڏ متاثر پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽي رهيا آهن، وڏو وزير ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ روزانو اجلاس گهرائي پيو، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير ۾ سنڌ حڪومت پاران اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن کي ٻن وقتن جي ماني ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، 24ڪلاڪن دوران 21 هزار 950 خاندانن کي راشن بيگ ڏنا ويا آهن، متاثرن ۾ 16 هزار 550 تنبو، 17 هزار 500 ترپال ورهايا ويا، 18 هزار مڇرداڻيون، 7 هزار 278 سولر لائٽس ۽ 5 هزار 600 جانورن جون مڇرداڻيون ورهايون ويون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here