پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چرين واريون ڳالهيون ڪري رهيو هو، جنهن مان لڳي ٿو ته عمران خان خوف ۾ ورتل آهي
هن چيو ته پرڏيهي لابسٽ جيڪي عمران خان جي پيرول تي آهي، سي روز جي بيناد تي عمران خان جي حق ۾ بيان ڏئي رهي آهي، عمران خان جي حق ۾ پرڏيهين جي بيانن کي پاڪستان جي خودمختياري ۾ مداخلت سمجهون ٿا صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻُڌي ڇڏي ته پاڪستان ۾ حڪومت لابنگ فرم ۽ پرڏيهي دٻاءُ ۾ نه ايندي