هاڻي ويلز جي سوانسا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي گذارڻ واري وقت مان رڳو پندرنهن منٽ پاسو ڪرڻ سان عام طور تي صحت ۽ مدافعتي عمل بهتر ٿيندا آهن جڏهن ته ڊپريشن جي شدت گهٽجي ويندي آهي
جرنل آف ٽيڪنالوجي ان بيهيويئر سائنس ۾ شائع ٿيل رپورٽ موجب تحقيق ۾ ويهه کان پنجويهه سالن جي عمر وارن پنجاهه ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو
انهن ماڻهن کي روزاني سوشل ميڊيا تي گذاريل وقت مان پندرنهن منٽ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي
ٽن مهينن تائين ماهرن سوشل ميڊيا جي جي وقت ۾ گهٽتائي جي جسماني ۽ ذهني صحت تي پوندڙ اٿرن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي
جرنل آف ٽيڪنالوجي ان بيهيويئر سائنس ۾ شائع ٿيل رپورٽ موجب انهن ماڻهن جي ڊيٽا جو ڀيٽ اهڙن گروپن سان ڪئي وئي جن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ واري وقت ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي هئي
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا جي وقت ۾ 15 منٽ گهٽتائي سان ماڻهن جي مدافعتي افعال 15 سيڪڙو بهتر ٿي ويا جنهن سبب موسمي، نزلو زڪام، فلو ۽ ٻين بيمارين جي ڪيسن ۾ لاٿ آئي
اهڙي نموني ماڻهن جي ننڊ جو معيار پنجاهه سيڪڙو بهتر ٿي ويو جڏهن ته ڊپريشن جي علامتن ۾ ٽيهه سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي
ٻين گروپن ۾ به اهڙي قسم جا اثر ڏسڻ ۾ نه آيا، ان کان اڳ تحقيقي رپورٽس ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال واري وقت ۾ لاٿ ۽ ذهني صحت ۾ بهتري وچ ۾ تعلق جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هئي
پر ان نئين تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ واري وقت ۾ لاٿ سان جسماني صحت به بهتر ٿيندي آهي ماهرن ٻڌايو ته جڏهن ماڻهن طرفان سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽايو ويندو آهي ته سندن زندگيءَ جي ڪيئي رخن ۾ بهتري ايندي آهي