آءِ فون جي جاءِ والاريندڙ ايپل جي جديد ترين ٽيڪنالوجي سان ليس نئين ڊيوائس جون 2023 ۾ متعارف ڪرائي ويندي

0
42

هڪ رپورٽ موجب ايپل طرفان جون ۾ ڊيولپر ڪانفرنس جي موقعي تي اگيومينٽڊ رئيلٽي ( اي آر ) ۽ ورچوئل رئيلٽي ( وي آر ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل هيڊ سيٽ متعارف ڪرايو ويندو

ان مڪسڊ رئيلٽي ( اي آر  ۽ وي آر  جي گڏجڻ سبب ) هيڊ سيٽ کي رئيلٽي پرو جو نالو ڏيڻ جو امڪان آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل جي چيف ايگزيڪٽيو ٽيم ڪڪ ۽ آپريشنز چيف وليمز جلد کان جلد اي آر/ وي آر هيڊ سيٽ متعارف ڪرائڻ چاهين ٿا

ان حوالي سان ڊيزائن ٽيم طرفان اعتراض واريا پيا وڃن ۽ سندن چوڻ آهي ته ڊيوائس کي ايستائين متعارف نه ڪرايو وڃي جيستائين ان کي بهتر نه بڻايو وڃي

رپورٽ موجب وڌيڪ بهتر مڪسڊ رئيلٽي هيڊ سيٽ جي تياري ۾ وڌيڪ ڪيئي سال لڳي سگهن ٿا جنهن سبب ايپل کي ان مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اتنظار ڪرڻو پوندو

اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ٽم ڪڪ رئيلٽي پرو کي جلد کان جلد متعارف ڪرائڻ چاهي ٿو جيڪا تمام وڏي ۽ مهانگي ڊيوائس هوندي

ان جي قيمت اٽڪل ٽي هزار ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي ۽ ان ذريعي ايپل کي هيڊ سيٽ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملندو

اِهو 2015ع ۾ ايپل واچ کانپوءِ آمريڪي ڪمپني جي پهرين نئين ٽيڪنالوجي ڊيوائس هوندي

ايندڙ سالن ۾ ان کي آءِ فون و متبادل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

تجزيه نگارن موجب ايپل جو مقصد ڏهه سالن اندر اي آر ٽيڪنالوجي کي آءِ فون جي جاءِ ڏيڻ آهي

رئيلٽي پرو ۾ ڊوئل 4K  او ايل اي ڊي اسڪرينز ۽ ٻين جديد ٽيڪنالوجيز موجود هوندي

ايپل جي سي ايِ او ٽم ڪڪ 2022ع ۾ هڪ بيان ۾ اي آر ٽيڪنالوجي جي حوالي سان پنهنجي جوش جذبي جو اظهار ڪيو هو

ان موقعي تي سندس چوڻ هوته ٽيڪنالوجي انڊسٽري ان نئين ٽيڪنالوجي جي حوالي سان فلحال شروعاتي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ اسان کي ان ۾ تمام گهڻا موقعا نظر اچي رهيا آهن سندس چوڻ هوته اوهان انتظار ڪريو ۽ ڏسو اسان ان حوالي سان اوهان کي ڇا پيش ڪري رهيا آهيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here