عمران ساڻس ملاقات ۾ نيب ڪيسز بابت گائيڊ لائين گهري هئي : سپريم ڪورٽ جي اڳوڻو چيف جسٽس

0
86

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سندس موجوده ججز کان ڪنهن به قسم جو ڪو رابطو ناهي، عمران خان سان سندس ٻه ڀيرا ملاقاتون ٿيون، پهرين ملاقات وزارت عظميٰ واري دور ۽ ٻي بعد ۾ ٿي

ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته عمران خان کيس چيو ته نيب ڪيس خراب ٿي رهيا آهن، توهان گائيڊ لائيڊ ڏيو، شهزاد اڪبر جي جاءِ تي ڪو ٻيو ماڻهو ٻڌايو، جيڪو ڪيسن کي منطقي انجام تائين رسائي پر هُن عمران خان کي انڪار ڪيو ۽ چيو ته پاڻي فيصلا ڪيو

اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻي ملاقات ۾ هُن عمران خان کي چيو ته عدليا بابت رات 12هين وڳي واري ڳالهه نه ڪيو، عمران خان کي اهو به چيم ته عدليا تي بناجواز تنقيد ڪري اداري کي خراب نه ڪيو

ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا سان به سندس ٻه ملاقاتون ٿيون هيون، پهرين ملاقات ۾ هو عطيو ڏيڻ آيو هو، جڏهن ته ٻي ملاقات ڪجهه وقت اڳ لاهور ۾ ٿي، باجوه چيو ته هو لاهور آيو آهي ۽ دوستن سان ملڻ چاهي ٿو

اڳوڻي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هُن عمران خان سان جنرل باجوه بابت ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، فيض حميد سان سندس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن هو چيف جسٽس هو ته فيض حميد سان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن تي ملاقاتون ٿيون، بعد ۾ به فيض حميد سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهيون هن چيو ته مريم نواز هاڻي بابا ڊيم سڏي سندس تذليل ڪري رهي آهي، سندس ٻار کلندا آهن ۽ چوندا آهن ن ليگ توهان کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو آهي، مريم نواز سياسي ڏڦيڙ ۽ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here