اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس پاران منجهند عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش

0
109

پوليس چئني پاسن کان زمان پارڪ کي گهيري ۾ رکيو آهي، جڏهن ته زمان پارڪ تي موجود ڪارڪن رنڊڪ بڻيل آهن ۽ پوليس کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن

اطلاعن موجب مظاهرين طرفان وڏو پٿراءُ ڪيو پيو وڃي، مظاهرين وڻن کي ڀڃي باهه ڏيڻ بعد پوليس جي گاڏين يا اهلڪارن ڏانهن اڇلائي رهيا آهن، ڪارڪن پيٽرول پم ۽ غليل جو استعمال به ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا آهن

پوليس وٽ ڏنڊن يا ڳوڙها آڻيندڙ گيس کانسواءِ ڪو به هٿيار ناهي، جنهن جو مظاهرين ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن ۽ پوليس کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن ۽ زمان پارڪ کان ڪافي پري ڌڪي چڪا آهن

اطلاعن موجب زمان پارڪ جي ڀرپاسي ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ به نٿي هلي، پوليس مظاهرين کي ٿڪائڻ چاهي ٿي ۽ رات جو فيصلائتو آپريشن ڪيو ويندو

وقت گذرڻ سان وڌيڪ ڪارڪن زمان پارڪ پهچي رهيا آهن، جتي پوليس سان سندن اک ٻوٽ هلي رهي آهي لاهور ۾ ڌرم پورا ۽ مال روڊ تي به ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي رهيون آهن، پوليس ڪنهن به صورت جاءِ کي ڇڏڻ تي تيار ناهي، پوليس هيل تائين 15 کان مٿي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري چڪي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here