اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نور مقدم قل ڪيس ۾ سزا آفته مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر جو ميڊيڪل ڪرئڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان مشتمل بينچ نور مقدم قتل ڪيس ۾ سزا خلاف جوابدار ظاهر جعفر پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
جوابدار جي وڪيل عثمان کوسو دليل ڏيندي چيو ته نور مقدم جي موبائيل تان ظاهر جعفر جي گهر ۾ موجودگي دوران پوليس يا رشتيدار کي ڪال ڪري نه چيو ته کيس جان کي خطرو آهي
ظاهر جعفر جي ويڪل موجب ٽرائل ڪورٽ پاران اغوا جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي آهي جڏهن ته 18 جولاءِ 2021 تي نور مقدم پاڻ پنهنجي مرضي سان آئي هئي ٽرائل ڪورٽ سي سي ٽي وي جي بنياد تي انحصار ڪيو
وڪيل موجب صرف ايس ون هڪ آئٽم آهي جيڪو جوابدار سان ملي ٿو جڏهن ته فارنزڪ آفيسر کي ٽرائل ڪورٽ گواه جي طور نه گهرايو هو
وڪيل موجب ٽرائل ڪورٽ صرف هو ويڊيو ڏسي سزا ٻڌائي ڇڏي، ايف آءِ آر ۾ نور مقدم جي والدين سان ڪالز جي باري ۾ ذڪر موجود آهي، انهن کان موبائيل فون قبضي ۾ نه ورتا ويا
وڪيل موجب مقتولڻ جي فون رڪارڊ موجب هو والده سان رابطي ۾ هئي جڏهن ته والده کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو ويو، سندس جي والده جو هڪ بيان ۾ سامهون اچي وڃي ها ته ڪيس ۾ شفافيت اچي سگهي ٿو
عدالت ميڊيڪل رپورٽ ڪرائڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي