ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 رُوٽس تي پنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

0
52

ڪراچي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين روٽ ون جي بسز ۾ اضافو ڪيو ويندو، پهرين مارچ پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس هاسپيٽل روٽ ٽـُو شروع ڪيو ويندو

هن چيو ته نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور روٽ 10 تي به پنڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي، روٽ نمبر 10 تي نمائش چورنگي، ايم اي جناح روڊ، زيب النسا اسٽريٽ، ميٽروپول، تين تلوار، دو تلوار، عبدالله شاهه غازي، ڊولمن مال، ميڪڊونلڊ ۽ ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين عورتن کي پنڪ سروس ذريعي محفوظ سفري سهولت فراهم ڪئي ويندي

صوبائي وزير پاران ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ لاءِ واڳيل اختيارين کي سروي مڪمل ڪرڻ جون به هدايتون پڻ ڪيون ويون آهن شرجيل ميمڻ چيو ته هو چاهي ٿو ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جا وڌيڪ نوان روٽس به جلد کان جلد شروع ڪيا وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here