مشڪل فيصلا ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن نه هو،“ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تاريخ جا چار وڏا خسارا عمران خان ڪيا، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خلاف فيول تي سبسڊي ڏني، مشڪل فيصلا ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن نه هو، وزير اعظم ڏکيا فيصلا ڪيا، پر هُو عام پاڪستاني کي وڌيڪ دٻائيندا ته تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، پنهنجي معيشت سڌارڻي پوندي، مسئلا حل نه ڪيا ويا ته معيشت ايترو بار کڻي نه سگهندي، گيس ۾ نقصان ٿي رهيو آهي، پتو نه ٿو پوي ته گيس چوري ٿي ويندي آهي يا اُڏامي ويندي آهي،، گيس جي شعبي ۾ 400 ارب رُپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي، ڪنهن فيڪٽري کي بن ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اُن سان روزگار ملندو آهي، ملڪ ۾ جيترا وسيلا آهن، اُنهن مان 5 سيڪڙو به استعمال نه ڪيا ويا