اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راولپنڊي سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئين مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ويندي، پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ ٻيهر پيش ٿي استعيفيٰ ڏيندا.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جي غيراثرائتي پاليسين ملڪ کي ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو، معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو هڪ ئي رستو جلد اڻڌريون چونڊون آهن.