آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر سنڌ جو دورو ڪري ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو ورتو

0
72

پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي عملدارن جي وفد سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان جاري پروگرامن جو جائزو ورتو ويو

اُنهن پروگرامن وسيلي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي، صحت، تحفظ ۽ غذائي کوٽ سوڌو ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي پئي وڃي

آمريڪي مشن موجب آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان کي هيل تائين 20 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ امداد جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، امداد، ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ هو آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر ڳوٺ جيئو ڪلوئي جو دورو ڪيو، جتي يونيسيف طرفان آمريڪا جي مالي سهڪار سان موبائيل ڪلينڪ وسيلي خوراڪ ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here