وزيراعظم جي ٻولي ۽ لهجو حيران ڪندڙ آهي،شيري رحمان

0
93

وزيراعظم جي ٻولي مان لڳي رهيو آهي ته هو ڪنهن سان جهيڙي لاءِ تيار آهي.سينيٽر شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت ساڍا ٽي سال چوندي رهي ته ادارا نيوٽرل آهن، هاڻ وزيراعظم چوي ٿو ته نيوٽرل صرف جانور هوندو آهي.سينيٽر شيري رحمان چيو ته وزيراعظم پاڻ چوي ٿو ته ڪنهن به بلاڪ جو حصو نه آهيون.پهريان وزيراعظم چيو بي اعتمادي رٿ عالمي سازش آهي، هاڻ چوي ٿو دعا جو اثر آهي، پنهنجي ئي بيان تان يوٽرن وٺڻ وزيراعظم جي عالمي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي.شيري رحمان چيو ته هي وائڙائپ ۾ غلط زبان ۽ غلط منصوبا ٺاهي رهيا آهن، حڪومت جا ڏيڻهن ڳڻجي چڪا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here