اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، سياسي بيانيو بڻايا پيا وڃن ته عدالتون ڪنهن ٻئي جي حڪم تي کوليون وينديون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻو گهرو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.چيف جسٽس شيخ رشيد کي روسٽرم تي طلب ڪندي چيو ته جلسن ۾ عدالتن تي الزام هڻڻ افسوسناڪ آهي، ڇا توهان ۽ توهان جي اتحادي پي ٽي آءِ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي اعتماد آهي؟ چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي اعتماد ناهي ته بطور چيف جسٽس معذرت ڪري ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن موڪليان ٿو، جلسن ۾ چيو ويو وڃي ٿو ته عدالتون آزاد نه آهن، 2014 ۾ رات 11 وڳي پي ٽي آءِ جا ورڪر حراست ۾ هئا انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.چيف جسٽس شيخ رشيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پي ٽي آءِ چيئرمين کان به پڇا ڪريو، جيڪڏهن کيس اعتماد ناهي ته پوءِ اسان نه ٿا ٻڌون، عوامي جلسن ۾ روز چيو وڃي ٿو ته عدالتون رات جو ڇو کليون.چيف جسٽس چيو ته جلسن ۾ عدالتن تي الزام تراشي افسوسناڪ آهي، ڇا پي ٽي آءِ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي اعتماد ناهي، جيڪڏهن عمران خان جو اعتماد ناهي ته بطور چيف جسٽس هُو معذرت ڪري ڪيس ڪنهن ٻئي عدالت کي موڪلي ٿو ڇڏي، هن عدالت ۾ لاپتا ماڻهن، بلوچ شاگردن جا ڪيس آهن عوام جو اعتماد خراب نه ڪيو وڃي