پيپلز لائرز فورم ۽ پروگريسو لائرز الائنس جي نمائندن جي ملاقات دوران ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڪيلن سان گڏجي آئين پاڪستان جي تحفظ ۽ بقا جي جدوجهد جاري رکي ويندي
هن چيو ته وڪيلن پاران انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ هو گڏ آهن
پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته جمهوري هر قدم تي وڪيلن سان سهڪار جاري رهندو هن چيو ته ملڪ ۾ غير جمهوري قدم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو