ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي سبب 5 ھزار 151 ماڻھو فوت

0
61
People and emergency teams rescue a person on a stretcher from a collapsed building in Adana, Turkey, Monday, Feb. 6, 2023. A powerful quake has knocked down multiple buildings in southeast Turkey and Syria and many casualties are feared. (IHA agency via AP)

ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 5 هزار 151 تائين پهچي ويو آهي، ريسڪيو عملدار اڃا تائين ملبي ۾ دٻيل جيئري ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، زلزلي کانپوءِ 120 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس آيا آهن.

ڪجهه علائقن ۾ سخت سردي ۽ برفباري سبب متاثرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ آفٽر شاڪس سبب ماڻهو خوفزده پڻ آهن. ترڪي ۽ شام ۾ 6 هزار کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو، ترڪي ۾ 3 هزار 549 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ شام ۾ زلزلي سبب 1 هزار 602 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، مجموعي طور تي 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here