پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ جو ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

0
106

راولپنڊي: راولپنڊي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ طرفان پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پاڪستان طرفان 4 رانديگر سعود شڪيل، حارث رئوف، محمد علي ۽ زاهد محمود ٽيسٽ ڊيبيو ڪندا، انگلينڊ جي ٽيم  طرفان ول جيڪس ۽ ليام لونگ اسٽون ڊيبيو ڪندا،

پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽاس کٽي اسان به پهرين بئٽنگ ڪيون ها، بابر اعظم جو چوڻ آهي ته شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري انگلينڊ کي هارائينداسين، انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ هي ته پاڪستان کي هارائڻ ايترو سولو ناهي، بهترين راند کيڏڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here