اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي سنڌ هائوس تي ڪاهه، ٻن ايم اين ايز سميت 12 ڪارڪن گرفتاري بعد آزاد،ڪيس داخل

0
133

حڪمران ڌر پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ايم اين ايز جي اڳواڻي ۾ سنڌ هائوس اسلام آباد تي ڪاهه، ڪارڪن سنڌ هائوس جو مک دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا، نعريبازي، تحريڪ انصاف جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ايم اين ايز فهيم خان ۽ عطا الله خٽڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ هائوس پهچي گهيراءُ ڪري ورتو، نعريبازي دوران مڇريل ڪارڪن سنڌ هائوس جو مک دروازو ڀڃي اندر داخل ٿي ويا، اطلاع تي پوليس جي ڏنڊا بردار نفري به پهتي، ٻنهي ايم اين ايز سميت 12 ڪارڪن گرفتار، ٿاڻي تي آڻڻ بعد سڀ آزاد، پي ٽي آءِ ايم اين اي فهيم خان جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس جي ڪارروائي تي هنن پنهنجو ردعمل ڏنو آهي، هنن رڳو ٽريلر آهي، فلم اڃا رهيل آهي، منحرف ميمبرن کي عمران خان جي نالي تي ووٽ مليو، هي غدار آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here