ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي ته نواز شريف ڪجھه ڏينھن ۾ پاڪستان ۾ ھوندو

0
62

بهاولپور ۾ ميديا سان ڳالهائيندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف تمام جلد وطن واپس ورندو، هن تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيڻ تائين سندس واپسي جي حتمي تاريخ نٿي ٻڌائي سگهجي.
مريم نواز ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پڻ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته عمران خان کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ بيساکين جي ضرورت هئي، چار سال اقتدار ۾رهندي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندو رهيو پر اقتدار وڃائڻ کانپوءِ هُن اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو
ن ليگ جي نائب صدر چيو ته گهڙي چور جي ڪي پي ۾ ڏهن سالن تائين حڪومت رهي، سڀ کان وڌيڪ فنڊز ملڻ کانپوءِ به ڪي پي ۾ سهولتون ناهن، صوبي جي پوليس بي يارو مددگار بڻيل آهي، اِها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته فنڊز ڪهڙي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا
ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي بابت پُڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته شاهد خاقان عباسي سندس سينيئر آهي، هو نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ سندس وڏو ڀاءُ آهي، مخالفن کي ان مان ڪا خوشي نه ملندي، ڇاڪاڻ ته شاهد خاقان عباسي وفادار ۽ اصول وارو ماڻهو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here