وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي ته شيخ رشيد جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به واسطو ناھي

0
58

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءٌ الله شيخ رشيد جي گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته قانوني ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هنن جيان 15 ڪلو هيروئن ناهي مڙهي، شيخ رشيد جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به واسطو ناهي
رانا ثناءُ الله چيو ته سياسي مشڪرو گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، صرف قانون تي عمل ٿيو آهي، شيخ رشيد جون پاسريون ته ناهن ڀڃرايون،
هن چيو ته ميڊيا آڏو اهلڪارن کي ڌڪا ڏيندڙ مارڪٽ ڪرڻ جو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، قانون جون ڳالهيون ڪندڙ قانوني ڪارروائي کان ڊڄي رهيو آهي
هن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ پوليس جو فرض آهي.
وفاقي وزير چيو ته طيبه گل جيان اغوا ناهي ڪيو نه وري بشير ميمڻ جيان واشروم ۾ بند ڪيو آهي، قتل ۽ دهشتگرد تنظيمن سان رابطي ۾هجڻ جا سنگين الزام لڳائيندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
وفاقي وزير عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان سياسي مخالفن ۽ سچ ڳالهائيندڙ صحافين کي جيلن ۾ بند ڪيو، ڪوڙا ڪيس ڪرايا، صحافين کي گوليون هنيون ويون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here