پيمرا عمران خان جي تقريرن تي مڪمل  پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

0
92

پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي(پيمرا) تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تقريرن، بيانن، براڊ ڪاسٽ ۽ ٽيلي ڪاسٽ  تي مڪمل  پابندي لاڳو ڪندي ٽي وي چينيلز کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پيمرا جي هدايتن موجب ٽي وي چينلز عمران خان کي لائيو، رڪارڊ بيان ۽ تقريرون نشر نٿا ڪري سگهن، پيمرا عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي بابت سيٽلائٽ چينيلز کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن

پيمرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته  عمران خان مسلسل رياستي ادارن خلاف بي بنياد الزام مڙهي رهيو آهي، تنهن ڪري ان جون تقريرون ۽ بيان نٿا هلائي سگهجن

پيمرا جي نوٽيفڪيشن موجب عمران خان چڙ ڏياريندڙ بيانن ذريعي رياستي ادارن ۽ آفيسرن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، هو ادارن خلاف بي بنياد الزام ۽ نفرت انگيز ڳالهيون ڪري رهيو آهي، سندس ڳالهين سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي پيمرا جو چوڻ آهي ته ٽي وي چينلز عمران خان جا بيان، ڳالهه ٻولهه يا خطاب نشر نه ٿا ڪري سگهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here