وزير اعظم شھباز شريف ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
54

ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪوئلي مان توائائي حاصل ڪري اربين ڊالربچائي سگهجن ٿا، ٿر جو ڪوئلو سوين سال ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،اربين ڊالرز جو ٻارڻ درآمد ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، پاڪستان کي سهانگي ٻارڻ جي ضرورت آهي، شمسي توانائي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي
وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ هن منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي، هن منصوبي مان 1100 ميگاواٽ ايٽمي توانائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، اميد آهي ته دوست ملڪ چين في ميگا واٽ جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪندو، ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم جي مڪمل ٿيڻ ۾ پنج سال لڳي سگهن ٿا
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ڪجهه ڏکيايون هيون ۽ ڪجهه وري پاڻ پيدا ڪيون ويون، سي پيڪ ماضي جي ڏکيائين سبب دير جو شڪار ٿيو، پوري اميد آهي ته سي پيڪ منصوبا پاڪ چين لاڳاپن سان اڳتي وڌندا
افتتاحي تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال به موجود هو،نيو ڪلئير پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ جي افتتاح سان بجلي جي پيداوار 22 سئو ميگاواٽ تائين پهچي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here