مڪاني چونڊ خطري ۾،ملتوي ڪرڻ جي سفارش، پابندي مڙهيل تنظيمن جا ٿريٽس موجود آهن: حساس ادار

0
99

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن تي حساس ادارن سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي

 ذريعن موجب جمعي جي شام ڪراچي ۾ حساس ادارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو

قومي سلامتي جي ادارن اليڪشن ڪميشن کي اجلاس جي ڪارروائي کان آگاهه ڪيو ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي سيڪيورٽي خدشن تي بريفنگ ڏني

ادارن پاران سفارش ڪئي وئي آهي ته 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن

ذريعن موجب اجلاس ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 17 سيڪيورٽي خطرن تي غور ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)  ڪراچي ۾ نيٽ ورڪ موجود آهن

 ادارن اليڪشن ڪميشن کي صوبي ۾ سنگين سڪيورٽي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here