عدالت عظميٰ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي عملدرآمد روڪيندي درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0
191

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي پاڻمرادو نوٽيس بابت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به لارجر بينچ ۾ شامل آهن

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف چار درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون آهن، بل خلاف درخواستون ايڊووڪيٽ خواجه طارق رحيم ۽ ٻين داخل ڪيون آهن

ٻڌڻي جي شروعات تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته موجوده حالتن ۾ هي ڪيس تمام اهميت جوڳو آهي، قاسم سوريءَ ڪيس کانپوءِ سياسي ورهاڱي ۾ اضافو ٿيو، وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ تي راضي ناهن، عدالت کي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻو پيو، جنهن کانپوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته ٽي اپريل تي عدالت ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، آئين تي عمل ڪرڻ واري عدالتي حڪم بعد مسئلا پيدا ڪيا ويا، عدالت ۽ ججز تي ذاتي تنقيد ڪئي وئي، حڪومتي وزير ۽ پارليامينٽ ان جا ذميوار آهن

درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل قانون سازي سان عدليا جي آزادي ۾ مداخلت ڪئي وئي، ٻنهي ايوانن مان منظوري بعد بل صدر ڏانهن اماڻيو ويو، صدر بل تي اعتراض لڳائي واپس اماڻيو پر سياسي اختلافن جي بنياد تي سندس اعتراضن جو جائزو نه ورتو ويو

سندس چوڻ هو ته گڏيل اجلاس جي منظوري بعد ڏهن ڏينهن ۾ بل قانون بڻجي ويندو، جڏهن ته آئين جو آرٽيڪل 191 سپريم ڪورٽ کي پنهنجا رولز پاڻ ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو

وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندي وڌيڪ چيو ته بل تحت پاڻمرادو نوٽيس ۽ بينچ جوڙڻ جو فيصلو ٽي رڪني ڪميٽي ڪندي، بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا اهو بل قانون بڻجڻ جي لائق آهي؟

هن چيو ته ڪابينا طرفان بل جي منظوري ڏيڻ غيرقانوني آهي، بل ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظوري ڏيڻ ٻئي انتظامي معاملا آهن، بل کي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ به غيرآئيني آهي

وڪيل وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي منظور ڪيل بل کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي، چيف جسٽس کانسواءِ سپريم ڪورٽ جو ڪو وجود ئي ناهي، چيف جسٽس جي مقرري سان ئي سپريم ڪورٽ جي پيدائش ۽ تڪميل ٿئي ٿي، چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ سان عدليا جي آزادي ۽ ٻيا ججز متاثر ٿيندا

وڪيل امتياز صديقي وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس ۽ ججز جي اختيارين کي گهٽائي نه ٿو سگهجي، چيف جسٽس جي آفيس ڪو ٻيو جج هڪ منٽ لاءِ به استعمال نه ٿو ڪري سگهي، چيف جسٽس جو آفيس ٻن سينيئر ججز سان ڪيئن ٿو شيئر ڪري سگهجي؟

هن چيو ته سپريم ڪورٽ قاسم سوري ڪيس ۾ قرار ڏئي چُڪي آهي ته پارليامينٽ جي قدمن جو به جائزو وٺي سگهجي ٿو، ماضي ۾ عدالت قرار ڏئي چُڪي آهي ته بل پاس ٿيڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي پر بل جي پاس ٿيڻ بعد عدالت ان جو جائزو وٺي سگهي ٿي

سندس چوڻ هو ته عدالتي مثال موجود آهي ته صدر جي منظوري کان پهرين به تجويز ڪيل بل جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، عدالت آئين جي محافظ ۽ انصاف لاءِ بااختيار آهي، پارليامينٽ سميت سمورا ادارا سپريم ڪورٽ جا حڪم مڃڻ جا پابند آهن، آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ جا رولز موجود آهن، جِن ۾ پارليامينٽ ترميم نه ٿي ڪري سگهي

چيف جسٽس وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان موجب ته عدليا جي آزادي بنيادي حق آهي، جنهن کي آئين ۾ مڪمل تحفظ حاصل آهي، توهان موجب، عدليا کي به پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو وانگر آئين جو تحفظ حاصل آهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي هڪ اهم ڪيس آهي، جنهن ۾ عدليا جي آزادي جو نقطو اٿاريو ويو آهي، پارليامينٽ انتهائي معزز آهي پر عدالت تجويز ڪيل ايڪٽ جو جائزو وٺڻ چاهي ٿي

چيف جسٽس چيو ته عدالت کي جائزو وٺڻو آهي ته ان معاملي تي آئين جي ڀڃڪڙي ته نه ٿي آهي سپريم ڪورٽ بعد ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار، اٽارني جنرل، صدر ۽ وزيراعظم کي سندن پرنسپل سيڪريٽريز توڙي قانون واري وزارت ۽ فيڊريشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here