حڪومت جو ايندڙ مهيني به تيل اگهن گهٽجڻ تي مڪمل رليف نه ڏيڻ جو فيصلو

0
128

اسلام آباد: حڪومت ايندڙ مهيني به تيل اگهن ۾ لاٿ تي عوام کي مڪمل رليف نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڊيزل تي في ليٽر 50 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت ايندڙ 2 مهينن ۾ ڊيزل تي 20 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وڌائي ويندي، جيڪڏهن ليوي وڌائڻ سان ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيا ته سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽيڪس روينيو ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب في ليٽر ڊيزل ۾ مڪمل رليف بدران گهٽ رليف ڏنو ويندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف به ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here