متحده جي خدشن بابت ڪجهه شيون حڪومت ۽ ڪجهه اليڪشن ڪميشن جي هٿ ۾ آهن: شرجيل ميمڻ

0
81

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خدشن بابت ڪجه شيون حڪومت ۽ ڪجهه اليڪشن ڪميشن جي هٿن ۾ آهن‏،

شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجا خدشا سامهون رکيا آهن، اهي ختم ڪيا ويندا، سمورا فيصلا آئين ۽ قانون کي نظر ۾ رکي ڪنداسين،

صوبائي وزير چيو ته ڪجهه شيون حڪومت، ڪجهه اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه عدالت جي هٿ ۾ آهن، پيپلزپارٽي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪري رهي آهي، تڪبندين واري معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، جيئن ئي ڪو رسپانس آيو ته ايم ڪيو ايم کي ٻڌائينداسين، ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ اتحادي آهي، چاهيون ٿا ته ساڻس مسئلا حل ٿين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here