پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون

0
93

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون

لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي قيادت اسيمبلي فوري طور ٽوڙڻ جي راءِ ڏني

اجلاس کانپوءِ پرويز الاهي جي عمران خان سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو

صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ٻڌايو ته وڏي وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ايڊوائس گورنر کي موڪلي وئي آهي، گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ ٽٽي ويندي

هن چيو ته اسان ق ليگ، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا ٿورائتا آهيون، ائين ئي اسان ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙينداسين، ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ٿينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here