وزير اعظم شهباز شريف نئين توشه خانا پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
75

وزير اعظم شهباز شريف نئين توشه خانا پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 12 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي سوکڙين جي قبوليت، ڊسپوزل پروسيجر 2018 تي نظرثاني جو نئون ڊرافٽ تيار ڪندي، ڪابينا ڊويزن پاران بين الوزارتي ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، بچاءُ وارو وزير ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو، ڪميٽي ۾ واپار وارو وزير ، قانون جو وزير ۽ وزير اعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي کي شامل ڪيو ويو، پرڏيهي سيڪريٽري، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري به ڪميٽي جو حصو هوندا، اڳوڻي ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان، 22هين گريڊ جي آفيسر ظهير احمد کي به ڪميٽي ۾ رکيو ويو ، ڪابينا جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو، ڪميٽي هڪ مهيني اندر وزير اعظم کي پيش ڪندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here