عمران خان پاران پي ٽي آءِ چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلنج

0
93

لاهور: عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان اليڪشن ڪميشن جي 7 ڊسمبر جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين اي 95 ۾ نااهلي کانپوءِ کيس پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن مبينا طور غلط بيان جمع ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪيو،

اليڪشن ڪميشن پنهنجون حدون اورانگهي اليڪشن ٽربيونل جو اختيار استعمال نه ٿي ڪري سگهي. عمران خان طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ اجايو ۽ غير قانوني آهي، عمران خان کي پاڪستان جي سياست کان پري رکڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عمران خان کي ڪٿي به ڪوڙو ناهي قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس وٺي غير قانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here