روسي ۽ چيني صدر ۾ رابطو: پيوٽن شي جن سان ڊيئر فرينڊ چئي مخاطب ٿيو

0
82

روسي صدر ولاديمير پيوٽن چين جي صدر کي روس جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۽ چين جي صدرن وچ ۾ جمعي تي وڊيو لنڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ روسي صدر پنهنجي چيني هم منصب جي ايندڙ سال روس جي دوري جي اميد جو اظهار ڪيو.

ميڊيا رپورٽن موجب وڊيو لنڪ گفتگو جي شروعات ۾ روسي صدر شي جن پنگ کي ڊيئر چيئرمين ۽ ڊيئر فرينڊ ڪري مخاطب ٿيو. چيني صدر پيوٽن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته اوهان ايندڙ سال روس جو دورو ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here