اسٽريٽ ڪرائيم سنڌ حڪومت لاءِ چئيلنج آھي: مرتضي وھاب

0
60

ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ دھشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت آپريشن ڪري امن قائم ڪرايو آھي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي وڌيڪ ٿي آهي، هن سال 15 فيبروري کان ڪڻڪ خريداري جا مرڪز کلي ويندا، ربيع جي فضل لاءِ سبسڊي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته برساتن سبب وڏي تباھي ٿي آھي، سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چئيلينج بحالي ھئي، ستر سيڪڙو آبادي زراعت تي آھي انهن علائقن مان پاڻي ڪڍي زمين کي خشڪ ڪيو ويو آھي ۽ ڪڻڪ جو فصل به سٺو ٿيو آھي. هن چيو ته پھرين مرحلي ۾ ويھه لک برساتي ٻوڏ متاثرن کي تصديق بعد سستي قسطن تي گھر ٺاھڻ لاءِ ٽي لک رپيا في گھر کي ڏنا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here