ڊي سيز کي پاڻي جي جلد نيڪال جون هدايتون ڏنيون آهن، چاهيان ٿو ته ربيع جو فصل ٿئي، آبادگارن کي ٻج يا ٽريڪٽر لاءِ ڊيزل به ڏئي سگهون ٿا، وڏي وزير چيو آهي ته 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، هن وقت 4 لک خيما پيل آهن، برساتون ترقي يافته ملڪن جي ڪري ٿيون آهن ۽ انهن ملڪن کي مدد ڪرڻي پوندي، ڊينگي جي روڪٿام لاءِ ضروري دوائون ڏنيون پيون وڃن، مسئلا حل ٿي ويندا پر ٿورو وقت لڳندو، سيد مراد علي شاهه جو مٽياري ۽ نوشهرو فيروز ۾ قائم رليف ڪيپمن جو دورو، متاثرن سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا، وڏي وزير نوابشاهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو به ورتو