ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جو حڪم معطل ڪرڻ جو فيصلو

0
125

ڪراچي: سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشنز جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جا حڪم معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ٽنهي ايڊمنسٽريٽرن کي عهدن تان هٽايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن کي هٽائڻ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم کي به اعتماد ۾ وٺندي.

اليڪشن ڪميشن ٽن آفيسرن جي مقرري کي ضابطن جي خلاف قرار ڏنو هو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here