ايراني پاسداران انقلاب جو جنرل ۾ حملي تان زري بچي ويو

0
103

ايران جي ايليٽ فورس پاسداران انقلاب جو جنرل حسين الماسي قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي ويو، سندس باڊي گارڊ مارجي ويو ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب زاهدان واري علائقي ۾ ايراني جنرل حسين الماسي جي فوجي قافلي کي نشانو بڻايو ويو. جنرل حسين الماسي جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ جنرل حسين ذري تان بچي ويو، جڏهن ته سندس سڪيورٽي گارڊ محمود ابصلان مارجي ويو.واقعي بعد ايراني فوج علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي.اختيارن موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ايراني علائقن ۾ بلوچ مليشيا ۽ ايراني فورسز وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهنديون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here