آمريڪا ۾ ملعون سلمان رشدي تي چاقو حملو

0
94

اسلام خلاف تڪراري ڪتاب لکندڙ ۽ نبي سائين جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ ملعون سلمان رشدي آمريڪا ۾ بهادر شهري جي حملي ۾ اڌ مئو ٿي پيو آهي.

نيويارڪ ۾ تقريب دوران سخت سڪيورٽي باوجود 24 ورهين جو جوان هادي ماتر ملعون سلمان رشدي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سندس پيٽ ۽ ڳلي تي چاقو جا وار ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو

واقعي بعد ملعون سلمان رشدي کي پوليس ۽ انتطاميا هيلي ڪاپٽر وسيلي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هادي ماتر پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته سلمان رشدي جي حالت نازڪ آهي، چاقو جي حملي سان سندس اک ضايع ٿي وئي آهي ۽ جگر ڦاٽي پيو آهي، کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي.

واضح رهي ته سلمان رشدي هڪ تڪراري برطانوي ليکڪ آهي، جنهن پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪئي ۽ غلط ترجمو ۽ تشريح ڪري ڪتاب ڇپرايو.سموري دنيا پاران سلمان رشدي جي مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايران پاران سلمان رشدي کي مارڻ تي انعام جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here