نواز ليگ جي نئين سر جوڙ جڪ جي ذميواري مريم نواز حوالي، پارٽي جي چيف آرگنائيز مقرر

0
183

اسلام آباد: نواز ليگ جي صدر شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نواز ليگ جي ترجمان ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پارٽي جي تنظيمي فيصلي جو اعلان ڪيو، جنهن موجب مريم نواز پارٽي جي سينيئر نائب صدر هوندي،

مريم اورنگزيب موجب پارٽي صدر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي جي چيف آرگنائيزر پڻ مقرر ڪيو آهي، کيس پارٽي جي نئين سر جوڙ جڪ جي ذميواري سونپي وئي آهي، مريم نواز سموري سطح تي پارٽي کي ري آرگنائيز ڪندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here