ستاويهه ڊسمبر تي اسان کان عالمي ليڊر کسجي وئي: شيري رحمان

0
94

موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته 27 ڊسمبر جمهوريت پسندن لاءِ اونداهو ڏينهن آهي، ان ڏينهن اسان کان عالمي ليڊر کسجي وئي

سکر ايئرپورٽ تي ڳڙهي خدا بخش روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏيوالي تائين پهچائي ڇڏيو، اسان وڏي ڪوشش سان ملڪ کي پيرن تي بيهاريو آهي

هن چيو ته پ پ ڪڏهن به ڏڦيڙ جي سياست ناهي ڪئي پر نفرتن کي ختم ڪرڻ جي سياست ڪئي آهي، حڪومت هلائڻ جو مطلب ڪنٽينر تي بيهڻ ناهي هوندو، اسان کي عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، ملڪ جي معاشي مسئلن جي ذميوار پي ٽي آءِ آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here