اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي مسجد نبوي واقعي جا ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
103

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي مسجد نبوي واقعي جا ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي جون ايف آءِ آرون داخل نه ڪرڻ جو حڪم جاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مذهب کي سياست ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، رياست کي گهرجي ته سياسي قيادت کي ويهاري ۽ پاليسي جوڙي ته مذهب کي سياست ۾ ناهي آڻڻو، سياسي تڪرارن لاءِ مذهب جو استعمال صحيح ناهي، مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ مذهب جي توهين آهي، هي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين مان هڪ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here