حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪري لوڙهيل نوجوان جي سڃاڻپ، ساهرن تي شڪ

0
67

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪري لوڙهيل نوجوان جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس موجب مقتول نوجوان جي سڃاڻپ رياض علي گوپانگ جي نالي سان ٿي آهي،

نوجوان جو ڳلو ڪپي سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦليلي واھ ۾ لوڙهيو ويو هو، مقتول سعيد پور ٽڪر ويجهو رهندو هو،

نوجوان 2 مهينا اڳ حيدرآباد جي ڳوٺ سچل گوپانگ مان پسند جي شادي ڪئي هئي، نوجوان جي سڃاڻپ سندس والد خان محمد گوپانگ ڪئي، ساهرن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here