عمران خان کي ڪڍڻ کانسواءِ هڪ ٻي ڪاميابي اڳوڻي آرمي چيف جو سياست ۾ مداخلت جو اعتراف آهي:بلاول ڀٽو زرداري

0
122

نئون ديرو: جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 15 سال گذري چڪا آهن جڏهن کان اوهين بي بي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اوهان کان کسي شهيد ڪيو ويو، آءُ پيپلز پارٽي جي سمورن جيالن ۽ ملڪ جي سمورن سياسي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪري دنيا ۽ ان سوچ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو جيڪي سمجهي رهيا هئا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ان جي جماعت جي سفر کي روڪيندا، آءُ ان سوچ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو اچي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿورو نظر ڊوڙائي هتي 15 ورهين کان پوءِ به انسانن جو مجموعو ۽ سمنڊ گڏ آهي، هتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا، ڀائر، ڀينر ۽ سياسي ڪارڪن اڄ به هتي موجود آهن، توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان کسيو آهي پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀائرن، ساٿين ۽ ڀينرن سان وفاداري ڏيکاري آهي ته 15 سالن کان پوءِ عوام ۽ سياسي ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي وساريو ناهي ۽ اڄ به اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي فلسفي، سوچ ۽ منشور تي هلون ٿا ۽ اڄ به اسان جو چوڻ آهي ته اڄ به بي بي ڀٽو زندهه آهي ۽ ڪالهه به بي بي ۽ ڀٽو زندهه هئا، اسان پڇا ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪهڙو گناهه ۽ قصور هو جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ان جو گناهه اِهو هو ته هوءَ هڪ محب وطن پاڪستاني هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر عالمي دنيا جي ليڊر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي پوري مسلم امه جي فخر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو غريبن جي آواز هئي، مظلومن جي نمائنده هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي علمبردار هئي، آمرن جي لاءِ خوف جي بنياد هئي، انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي، اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو هئي. اها دلير قائد هئي ۽ هوءَ موت جي اکين ۾ اکيون ملائي 30 سالن تائين جدوجهد ڪندي رهي پر پنهنجي عوام، ڪارڪنن ۽ ساٿين کي هڪ ڏينهن به لاوارث نه ڇڏيائين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو معاشي انصاف چاهيندي هئي جيئن عام ماڻهو عزت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن،

هوءَ سڀني جي لاءِ هڪ پاڪستان ۽ برابري تي يقين رکندي هئي، ڪجهه سياستدانن ملڪ ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ جي بنياد تي

سياست ڪندا آهن پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو يڪجهتي تي يقين رکندي ۽ ملڪ جوڙي سياست ڪندي هئي، اسين ان ڪري چوندا آهيون ته چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير، هوءَ پوري دنيا جي ليڊر هئي، هوءَ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڏسڻ نه چاهيندي هئي، پاڪستان کي پوري دنيا سان گڏ ملائي پاڪستان جي ترقي ڏسڻ چاهيندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن آمريڪا ويندي هئي ته اتي سندس پورو پارليامينٽيرين آمريڪا جي پارليامينٽ ۾ گڏ ٿي جلسو ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تقرير ٻڌندا هئا اڄڪلهه کان اسان کان اڳ هو سليڪٽيڊ ويندو هو ۽ هو پنهنجي ڪارڪنن کي گڏ ڪري تقرير ڪندو هو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پهچندي هئي ته ان ملڪ جي پوري قيادت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ايندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اهڙي ليڊر هئي جنهن کي مستقبل جو پرڏيهي وزير چوندي هئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن قطار ۾ بيهي انتظار ڪندي هئي، هي اها ليڊر هئي جنهن کي توهان شهيد ڪيو ۽ جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو چين ويندي هئي ۽ پوري چين ڄاڻندو هو ته هي شهيد ڀٽو ۽ مائرن ۽ ڀينرن جي ڌيءَ آهي ۽ اهڙي طريقي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عزت ڏيندا هئا ۽ جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو عرب ۽ مسلمان ملڪن ۾ ويندي هئي ته اهي سڀ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي ڌيءَ سمجهي عزت ڏيندا هئا، عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي جي جيالن ان کي جيئي ڀٽو سان للڪاريو ۽ جمهوري طريقي سان حملو ڪري پرامن طريقي سان احتجاج ڪيو، اسان ڪراچي کان اسلام آباد پهتاسين اسان سان هڪ مجمو گڏ هو ۽ اسان جمهوري طريقي سان احتجاج ڪيو ۽ جيئن کير مان مک کي ڪڍيو ويندو آهي اهڙي طريقي سان عوام سليڪٽيڊ کي عدم اعتماد جي ذريعي ڪڍيو ۽ اها پاڪستان جي تاريخ آهي ۽ اها تاريخ پيپلز پارٽي لکي ۽ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جي ذريعي پارليامينٽ سليڪٽڊ کي ٻاهر ڪڍيو جيڪا پارليامينت ۽ جمهوريت جي فتح آهي. ان کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو اها ڳالهه مڃي ته هو ملڪ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن خلاف ڪا ڌانڌلي ۽ سازش نه ٿي ۽ ان کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان ڪڍيو ويو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو عوام جو ڪريڊٽ ۽ لانگ مارچ جو ڪريڊٽ ۽ آصف زرداري جو سياسي ڪريڊٽ وائيٽ هائوس ۽ جو بائيڊن کي ڏئي رهيو آهي ان کي آمريڪي صدر نه پر پيپلز پارٽي جي جيالن ان کي ڪڍيو وائيٽ هائوس جي سازش نه پر بلاول هائوس جي سازش کيس ڪڍيو، اسان عوام جي سامهون ۽ روڊن توڙي پارليامينٽ ۾ ويهي کيس چيو ته اسين هي ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ اهو ڪم اسين ڪري ڏيکاريو. ان کان وڌي ڪري عوام سليڪٽيڊ کي خداحافظ ڪري ڇڏيو پر ان جا جيڪي سهولتڪار هئا انهن کي به وڏي عزت سان خداحافظ ڪري ڇڏيو، هي عوام جي فتح ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي ۽ انهن آصف علي زرداري کي ٻيهر جيل ۽ فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گهلي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ انهن کي ماڻهن مخالفن جي گهرن جي عورتن کي به نه ڇڏيو ۽ عوام انهن جو صحيح بندوبست ڪيو. هن چيو ته هاڻي ڄاڻي وٺو ته جيئن مشرف ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي ۽ هي سليڪٽيڊ ۽ مشرف جي باقيات ماضي جو حصو بڻجي چڪا آهن. انهن جو ڪو به مستقبل ناهي پر عوام جو مستقبل آهي، اهي ڀلي رڙيون ڪن اسان کي عوام جي ڀلائي لاءِ سوچڻو آهي ۽ مستقبل ۾ توهان کي ملڪ کي سنڀالڻو ۽ مسئلن کي حل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ به عوام اهو ڪم ڪيو جيڪڏهن ماضي ۾ ملڪ مشڪل ۾ هو ته اها پيپلز پارٽي هئي جنهن ملڪ کي معاشي مشڪل مان ڪڍيو، خارجي سطح تي مشڪلاتون هيون اها پيپلز پارٽي هئي جنهن نجات ڏياري ۽ اڳتي به هلندي اها ذميواري عوام کي نڀائڻو پوندو، ملڪ ۾ لاقانونيت، دهشتگردي ۽ ٻيا مسئلا هئا انهن جو بندوبست صرف پيپلز پارٽي ڪندي آهي، اسان ماضي ۾ به خدمت ڪئي ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ وقت ۾ به هن ملڪ ۽ عوام جي خدمت پيپلز پارٽي جا جيالا ئي ڪندا.

اسان شهيد ڀٽو جي نظريي تي يقين رکون، اسان روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان کي پنهنجو بنيادي نعرو کڻي هلندا آهيون جنهن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عمل ڪيو، آصف علي زرداري به ان بنياد تي بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو ۽ ان ۾ اضافو به ان فلسفي تحت ڪرڻو آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي پروگرام آهي جنهن تحت هڪ لک کان وڌيڪ عورتون بنا وياج قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيون آهن اهي به شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي نعري روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري کي کڻي هلي رهيون آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي ليڊي هيلٿ ورڪر جو پروگرام ڏنو ان نعري جو جائزو وٺندي اسان سنڌ ۾ مفت اسپتالون ٺاهيون آهن ۽ ٿوري مفاصلي تي گمبٽ اسپتال جتي ڪينسر، ڪڊني ۽ ليور جو علاج بلڪل مفت آهي جتي پيپلز پارٽي بندوبست مفت علاج جو ڪيو آهي، اسين عام ماڻهن کي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي اميرن کي فراهم ٿيل آهن، ڪراچي کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر تائين دل جون هر هنڌ اسپتالون آهن ۽ گهرن جي ويجهو به اسپتالون هجن ۽ ڪنهن ماڻهو کي ڪو به مرض آهي ان جو مفت علاج ڪرائي سگهون، اوهان ڏٺو ته پوري پاڪستان ۾ ميٽرو جو فيشن هيو پر اسان جي نظريي موجب سنڌ ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، مهانگائي ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي ڏسي عوام جو احساس ڪري وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٽرانسپورت کاتي جي ٽيم، شرجيل انعام ميمڻ گڏجي ڪم ڪيو ۽ ٽرانسپورٽ جو اهڙو نظام قائم ڪيو جيڪو نه صرف ڪراچي، لاڙڪاڻو پر پوري صوبي ۾ ڦهلجندو ۽ موقعو مليو ته پوري ملڪ ۾ ڦهلجندو ۽ اهو ڪم تمام آسان آهي جنهن ۾ سڀ سهولتون هجن ۽ مزدور توڙي عام ماڻهو آساني سان سفر ڪن ۽ 50 روپين جي اندر انهن بسن ۾ ماڻهو سفر ڪري سگهن توهان جيڪي منصوبا جوڙيو ان ۾ پهريان سوچيو ته ان ۾ ڇا غريب عوام جو فائدو آهي ته پوءِ اهو ڪم ڪيو. اسان گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ جيڪي ڪم رهن ٿا انهن کي مڪمل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ملڪ مشڪل ۾ آهي ته پي پي پي جا جيالا ئي بچائي سگهن ٿا. باقي ٻين ۾ صلاحيت يا سوچ ناهي جو اهي مشڪلن جو خاتمو ڪن. هن چيو ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ماضي ۾ به ۽ مستقبل ۾ به پيپلز پارٽي ئي ڪم ڪندي، ان لاءِ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪري عزت ڪراڻي آهي ۽ اکين ۾ اکيون وجهي ڪم ڪرڻو آهي اها ماضي ۾ به پيپلز پارٽي هئي ۽ اها هڪ ئي پارٽي پيپلز پارٽي ئي اهي سڀ ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن توهان کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي شڪست ڏيڻي آهي ته پوءِ ماضي ۾ به هڪ جماعت ڪري ڏيکاريو ۽ ايندڙ مستقبل ۾ به هي جماعت ڪري ڏيکاريندي. هن چيو ته اڄ پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي، اسان گذريل سال جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ شروع ڪئي، معاشي انصاف واري تحريڪ، پاڪستان جي دنيا ۾ عزت بحال ڪرڻ، پاڪستان کي انتهاپسند ۽ دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ واري تحريڪ شروع ڪئي، عوامي مارچ جي شروعات ڪئي ۽ سليڪٽيڊ مان آزادي حاصل ڪرڻي هئي ۽ مشرف جي باقيات جو بندوبست ڪرڻو هو ۽ ان سازشن کي ناڪام ڪرڻو هو هي ته ڪٺ پتلي هو ۽ اصل سازش اسان جي آئين، جمهوريت، صوبائي خودمختياري، صوبن جي حقن جي خلاف هئي ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ، پاڪستان کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪرڻ واري سازش کي اسان کي ناڪام ڪرڻو هو

هن سليڪٽيڊ جي ناڪامي ۽ نالائقي جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي دنيا ۾ پاڪستان جي جيڪا حيثيت ۽ اهميت هئي اها نه پئي ملي، پاڪستان کي انتهاپسندي ۽ دهشگردي سان ڳنڍيو ويندو هو ان ۾ اسين پنهنجو ۽ ڪشمير جو دفاع نه ڪري سگهندا هئاسين انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪنن، پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن ڪراچي کان ڪي پي ڪي تائين شهادتون ماڻي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو اسان جا فوجي سرحدن کان پوري ملڪ تائين شهادتون قبول ڪري دهشتگردن کي شڪست ڏني، دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي هئي ۽ دهشتگردن کي ماڻهو نه پيا ملن اهي ڪم ڪن ۽ آپريشن ضرب عضب ۽ ٻيا آپريشن ڪري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي جيڪي لڪي رهيا هئا ۽ جيڪو ڪم پوري نيٽو افغانستان ۽ پوري دنيا ۾ نه ڪري سگهيو اهو ڪم پاڪستان جي فوج پاڪستان ۾ ڪري ڏيکاريو. انهن دهشتگردن جو مقابلو اسان جي ٽيچرن اسڪولن ۾ ويهي ڪري شهادتون ماڻيون ۽ اي پي ايس جي شهيد ٻارڙن مقابلو ڪري شهيد ٿيا پر اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ڪارڪن سوال پڇي رهيا آهن ته هن سليڪٽيڊ، ناجائز ۽ نالائق کي ڪنهن اجازت ڏني ته هو دهشتگردن جي اڳيان ڳوڏا کوڙي ۽ پير وٺي ڳالهيون ڪري ڪنهن چيو ان کي ڪنهن اجازت ڏني ۽ ڪيئن برداشت ڪيو ڇا انهن پاڪستان جي عوام ۽ دهشتگردي جي متاثرن کان پڇا ڪرڻ جي بغير ڪنهن انهن کي اجازت ڏني؟ پارليامينٽ کان پڇا ڪرڻ بغير دهشگردن جو پير پڪڙي ڳالهيون ڪري ڪنهن دهشتگردن کي ڪئمپن ۽ جيل مان ڪڍيو انهن کي ڪنهن دعوت ڏني اهو ڪيئن برداشت ٿي ۽ اسان جي فوج سائوٿ وزيرستان ۽ نارٿ وزيرستان دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کان پاڪ ڪيو ڪنهن اجازت ڏني جو اڄ ٻيهر دهشگردي کر کنيو آهي ۽ ڪنهن اجازت ڏني ته هو هٿيار کڻي اچي ۽ هٿيار نه کڻي ۽ آئين نه ماڻي پنهنجي دهشتگردي کي دهشتگردي تسليم نه ڪري ۽ اسين دهشتگردن جي مهمان نوازي ڪيون، اسان جي فوج ۽ پوليس جون قربانيون آهن جنهن ڪري پاڪستان ۾ امن قائم ٿيو ۽ هڪ ڪرڪيٽر، سليڪٽيڊ ۽ نالائق کي اسان مٿان ٿاڦيو ويو جنهن ڪري اڄ دهشتگردي ڪر کنيو آهي، اسان حڪومت ۾ آهيون ۽ دهشتگردي بابت پاليسي کي رويو ڪرڻ لاءِ به ڳالهيو ويندو، عمران خان جي دهشتگردن ۽ انتهاپسندي جي لاءِ جيڪا پاليسي هئي ان کي ڇڏي قانون جي رٽ قائم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، اسان ۾ صلاحيتون آهن ۽ انشاءَ الله مقابلو ڪنداسين سڀ کان پهريان ان جو حساب ڏيڻ گهرجي ان جو حساب ۽ جواب پاڪستان جي عوام، ڪي پي ڪي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام ۽ شهيدن جي وارثن کي ڏيڻو جيڪي حساب گهري رهيا آهن ته دهشتگردي ٻيهر ڪر ڇو کڻي رهي آهي.

هن چيو ته هي سليڪٽيڊ جي جيڪا پاليسي هئي هو عام ماڻهو مٿان بار وجهندو رهيو ۽ معاشي طور تي پاڪستان کي تاريخ نقصان پهتو ۽ ان جي نااهلي ۽ نالائقي ۽ ناقص پاليسي جي ڪري پاڪستان کي نقصان پهتو ۽ ڪرونا جي ڪري، روسي ۽ يوڪرين جي جنگ جي اثرن، مهانگائي، غربت ۽ کاڌي پيتي جي بل جي بار جي ڪري عوام اهو بار کڻي رهيو آهي اهي اهڙا نقصان آهن جنهن معيشت کي سليڪٽڊ هٿ سان تباهه ڪيو ۽ اهڙيون اهڙيون معاشي پاليسيون لاڳون ڪيون جيڪي پاڪستان جي معِيشت تي خودڪش هئا ۽ پاڪستان کي ڏيوالو ڪرڻ وارا هئا، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏيوالي جو خطرو هو ۽ ڏيوالي جو خطرو عالمي ۽ معاشي پاليسين جي ڪري نه پر سليڪٽيڊ جي هٿ ٺوڪين پاليسين جي ڪري ٿيو جڏهن وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو ۽ هڪ معاشي طور تي هڪ وڏي سانحي کي روڪيو ته پوءِ پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي هئي ۽ پاڪستان جو چلهو ٻرڻ وارو هو پر قدرت جي طرفان اهڙو حادثو آيو جنهن جو نقصان اسان اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، مان جيترو به ان جي وضاحت ڪيان اهو گهٽ آهي ۽ ٻوڏ وارو سلسلو اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ جاري آهي ۽ هي اسان لاءِ قيامت کان اڳ قيامت هئي ۽ چوماسي برسات مهينن جا مهينا هلندي رهي ۽ آسمان مان ٻوڏ جو پاڻي ڪري رهيو هيو، پاڪستان جو هڪ حصو سرزمين پاڻي جي هيٺ ٻڏل هو، اسمان مان نظر اچي رهيو هو جتي پاڪستان جو هڪ حصو زمين هئي اتي هڪ تلاءُ بڻيل آهي، سنڌ کان لسٻيلا، جنوبي پنجاب ۽ گلگت بلستان تائين ان ٻوڏ جا اثر هئا ۽ اڃان تائين آهن ان ۾ 30 ارب ڊالرن جو نقصان معيشت کي ٿيو، 5 ملين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو، 2 ملين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، 30 ملين متاثرن مان 6 ملين ٻار ۽ 3 ملين ڳورهاري عورتون هيون، گهر به ڊهي ويو ۽ مزدوري جو سلسلو به رڪجي ويو ۽ ايڏو پاڻي جمع ٿيو جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو ۽ هاڻي اسان جي سامهون ٿيو، هي انساني نقصان آهي ۽ جيڪو نقصان انسانن، جانورن ۽ فصل کي ٿيو ۽ صحت جي سهولتن ۽ عمارتن کي نقصان ٿيو جنهن پاڻي مان مليريا، ڍينگي ۽ ٻيون بيماريون ڦهلجي ويون، تعليمي ايمرجنسي، معاشي 30 سيڪڙو نقصان پهتو، معاشي طور تي غربت، مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ۽ صرف سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تعليمي ادارا هن هڪ ئي ٻوڏ ۽ برسات جي ڪري نقصان ٿيو يا سمورا ادارا تباهه ٿي ويا جتي نوجوان اسڪول ويندا هئا ۽ اسڪول ڪريل هوندو ۽ تعليمي ادارن کي نقصان پهتو آهي ته پوءِ اهي نوجوان اڃان تائين تعليم کان محروم آهن ۽ انهن جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن ٻيو ڪو ملڪ هجي ها ته سياست رڪجي وڃي ها، جلسي جلوس جو سلسلو ختم هجي ۽ هر ڪوئي متاثرن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ها پر اسان ان ڪوشش ۾ آهيون ۽ آئنده به هونداسين ته پوري دنيا مان جيڪا امداد گڏ ڪرڻي پئي اها ڪنداسين ۽ هي تماشو ڏسو ته هڪ طرف پاڪستان جو هڪ حصو ٻڏو پيو آهي ۽ 30 ارب روپين جو نقصان ٿيو، 10 سيڪڙو جي ڊي پي اڏي ويو، ۽ جي ٽي روڊ جو مارچ هلندو ۽ کيل تماشو هلندو رهيو ڇا پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلستان پاڪستان جا حصا ناهن متاثرن جي واهر ڪرڻ اولين ترجيح آهي، يا عمران خان کي 6 مهينن کان ٻيهر وزيراعظم بڻائڻ آهي هي نه صرف اسان پر سڀني سان مذاق آهي، ڪيترائي ماڻهون غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن پر لانگ مارچ ۽ ڊرامن سان ملڪ هلي نه سگهندو ۽ سياست نه ٿيندي مان پنهنجي مخالف کي چوندس ته هو پهريان انسان بڻجي پوءِ سياست ڪري پاڪستان جو عوام ۽ معيشت بچندي پوءِ اسين سياست ڪري وزيراعظم جي ڪرسي تي وڙهنداسين، هڪ طرف سليڪٽيڊ جي انا ۽ ٻئي طرف ٻوڏ متاثر ۽ معاشي ٻوڏ جنهن کي عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ اسان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ان ۾ وقت لڳي ويندا ان کي ڪجهه مهينن ۾ حل ڪري نه سگهندو شڪر آهي ته آءُ وقت سِر نيو يارڪ ۾ اقوام متحده جي سربراهه کي هتي آڻي لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان ڏيکاريو ته هو ڏسي هتي ڪهڙو نقصان ۽ وقت کان اڳ قيامت آئي آهي، اسان ان جا ٿورائتا اهيون جيڪو هر قدم تي پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ مان هڪ کان ٻئي ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ اسان جي ماڻهن جا گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ جيڪي اڳ غريب نه هئا ۽ اهي هارپو ۽ مزدوري ڪري رهيا هئا هاڻي سڀئي غربت جي لڪير هيٺيان اچي ويا آهن ۽ 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ان جي اڌ ازالي لاءِ هڪ سال ته لڳندو، جنوري ۾ يورپ ۾ وزيراعظم ۽ اقوام متحده گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پروگرام ڪندا ۽ ان پروگرام کي اسان پوري دنيا ۾ کڻي ويندس ان سان اسان نه صرف ٻوڏ متاثر پر زراعت سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي واهر توڙي انفراسٽڪرچر جي بحالي تي به ڪم ڪرڻو آهي. مان سنڌ جي وڏي وزير جي تعريف ڪرڻ ۽ شڪريو ادا ڪيان ٿو جو هن ڪمال ڪيو آهي جڏهن بارشون هلي رهيون هيون ۽ ٻوڏ نه آئي هئي شاهه صاحب ان وقت سنڌ جي ضروري منصوبن جي لاءِ پوري تياري ڪري منصوبا ٺاهيا ۽ وقت کان اڳ مڪمل ڪيا ۽ هاڻي جڏهن آءُ آمريڪا هيس ته شاهه صاحب جي محنت ۽ تياري جي ڪري اسان ورلڊ بئنڪ کان 2 ارب ڊالر جو قرض سنڌ جي عوام ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ بندوبست ڪيو اهو ان ڪري ممڪن ٿيو جيڪڏهن ٻين صوبن جا وڏا وزير وقت سر تيزي ۽ محنت ڪن ها ته اسان انهن لاءِ به بندوبست ڪيون ها سنڌ ۾ 9 جنوري کان ملندڙ پئسن مان ڪم شروع ڪنداسين، قدرت جي طرفان قيامت کان اڳ ئي قيامت واري صورتحال آهي، اسين ورلڊ بئنڪ جي منصوبن ۽ وفاقي پئسن مان متاثرن جي ايتري مدد ڪيون جو اهي چئي سگهن ته انهن جي حالت ٻوڏ کان اڳ واري صورتحال کان بهتر آهي، ٻوڏ متاثر چاهي اهو سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هجي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، اسان چاهيون ٿا ته توهان هن ترقي ۽ سيڙپڪاري کان پوءِ عوام جو مستقبل بهتر ٿي ۽ توهان معاشي طور تي مضبوط ۽ اوهان جي ٻارن جو مستقبل بهتر ٿئي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ مان ملندڙ قرض مان مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن کي هڪ حصو پئسا ڏينداسين جيڪي پنهنجي لاءِ نوان گهر ٺاهي سگهن ۽ بنا وياج جي قرض به ڏينداسين جيڪا موجود هوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ پوري سنڌ ۾ جن جي گهرن کي نقصان ٿيو ۽ گهر تباهه ٿيا انهن جا ڪچا گهر ته آهن پر اهي انهن گهرن ۽ زمينن جا مالڪ ناهن تنهن ڪري مان وڏي وزير کي چيو آهي ته هاڻي هي اسان جو موقعو آهي اسين لينڊ ريفارم ڪيون ۽ اسين نه صرف پئسا ڏينداسين ته گهر ٺهي سگهن ۽ بنا وياج جا قرض ڏينداسين پر جيڪي زمين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي زمين آهي اها زمين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي نه پر انهن ماڻهن جي هوندي ۽ هن ڌرتي جي ماڻهن کي پنهنجي زمين جو مالڪ بڻائينداسين ۽ ان سان معاشي قوتن ۾ اضافو ڪنداسين، ان کان علاوه ان گهر جي عورتن کي ان زمين جو مالڪ بڻائينداسين ۽ ان سان راتو رات معاشي طاقت ۾ اضافو ٿيندو ۽ عورتن جي خودمختياري هوندي هي هاڻي عوام جو اثاثو آهي جيڪي نسل درنسل انهن زمينن تي رهي رهيا آهن اها زمين حڪومت جي ڪم جي ناهي ۽ ايڏي وڏي آفت آئي آهي ان ۾ اسان جو فرض آهي ته اسان توهان لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ مان چاهيان ٿو جيڪو توهان جو اثاثو اهي اهو توهان جو به اثاثو رهو ۽ جيڪڏهن توهان جي زمين آهي ته توهان کي قرض ملي ان سان توهان جي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ توهان ايندڙ نسل کي هي اثاثا ڏيندا رهندا جنهن ۾ اضافو ٿيندو رهندو ۽ هو به قرض کڻي پئسو ڪمائي سگهن ٿا هي انقلابي قدم آهن ۽ اسان نه صرف ٻوڏ جو حل ڪڍنداسين پر غربت ۽ مهانگائي جو به خاتمو ڪنداسين ان سلسلي ۾ جڏهن موقعو مليو ۽ ورلڊ بئنڪ جي پروگرام يا ٻيا پروگرامن سان زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪنداسين جيئن متاثر چون ته آءُ ٻوڏ جي اڳ واري صورتحال کان وڌيڪ خوشحال آهيان. هن چيو ته ڪافي معاشي مشڪلاتون آهن پر ماضي ۾ وزيراعظم ۽ ان جي فنانس ٽيم ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ۽ اڳتي هلي ڪري جيڪي معاشي مشڪلاتون هونديون وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم سنڀاليندا. هن چيو ته جيڪو سليڪٽيڊ هن معاشي بحران جو ذميوار آهي جنهن معيشت تي خودڪش حملو ڪري مهانگائي جي سونامي آندي ۽ پوري ملڪ ۾ مهانگائي ڪري ان شخص کي ٻيهر موقعو ملي نه ٿو سگهي جيڪو ٻيهر ملڪ ۾ معاشي تباهي، غربت ۽ مهانگائي کي آڻي، اسان کٽي چڪا آهيون ۽ جمهوريت جي فضا ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ جو سپهه سالاپر بيهي چوي ٿو ته سياست ۾ مداخلت ٿيندي آهي ۽ اهي توبهه ڪري آئنده سياست ۾ مداختل نه ڪندا اها ئي جمهوريت جو انتقام آهي، شهيد بي بي، شهيد ڀٽو جو انتقام آهي ۽ هي واعدو جيڪو ملڪ ۽ قوم سان ڪيو ويو ته ادارا غير سياسي هوندا ۽ سياست ۾ مداخلت نه ڪندا ۽ آئين جا پابند بڻجي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪندا ۽ اسان کي پڪ ڏيندا ته اهي ان تي ڪاربند رهندا ۽ اسان جي اسٽبلشمنت به ان عزم سان اڳتي وڌندي ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نه سگهندو اها توهان ۽ پوري پاڪستان جي عوام جي فتح آهي پر مشرف جي باقيات ۽ سليڪٽيڊ جي سياست لاءِ قيامت جي نشاني آهي ۽ هي هاڻي سياسي يتيم بڻجي چڪا آهن اهو ئي ڪارڻ آهي جو بني گالا مان رڙيون نڪري رهيون آهن ۽ جلاءُ گهيراءُ جي سياست جي ڌمڪي ڏئي جي ٽي روڊ کان نڪري پوءِ ڀڄي ويندا آهن ۽ لڪي لڪي تقريريون ڪندا آهن

اها آپشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ به هئي اهي دلير ليڊر هئي ان دهشتگردن جي ڌمڪين جي باوجود ڪم ڪندي رهي پر هي بزدل بني گالا ۾ لڪي ويٺو ۽ پنهنجي سازش جاري رهندو ان جي هر ڪوشش هوندي ته هو فوج کي سياست ۾ گهلي ۽ هو آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اچو آئين ٽوڙيو ۽ عمران خان جي مدد ڪيو جنهن طريقي سان عوام هر سازش کي ناڪام بڻايو اهڙي طريقي سان عوام اهڙن سازشن کي به ناڪام بڻائيندو ۽ دٻاءَ وڌو پيو وڇي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ميري عزيز هم وطن پر پاڪستان پيپلز پارٽي هر سازش جو مقابلو ۽ هن ڪٺ پتلي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ان لاءِ آخري وارننگ آهي ته هو پارليامينٽ ۾ اچي ڪرسي تي ويهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري، اسان توهان کي چار سال بطور اپوزيشن ڀوڳيو توهان پهرين ڏينهن نخرا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ٻاهر اچي روئڻ شروع ڪري ڏنو توهان اهڙي فلسفي تي هلي رهيا آهيو جيڪڏهن توهان کي کيڏڻ نه ڏنو ويو ته توهان ٻين کي به کيڏڻ نه ڏيندئو توهان لاءِ آخري وارننگ آهي توهان پارليامينٽ جو حصو بڻجي ويهو پوءِ حڪومت توهان سان ڳالهائيندي، حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڳالهيون نه ڪندي اسان توهان جو مقابلو چونڊن جي ذريعي ڪنداسين، چونڊ سڌارن، نيب سڌارن جي لاءِ اچي ڳالهيون ڪيون مان نه ٿو چاهيان ته توهان سان به اهو ٿئي جيئن اڳوڻي خاتون اول سان توهان جا ٻار گهمن ۽ توهان جيل ۾ هجو ۽ توهان نيب جي زد ۾ اچو، توهان اچو اپوزيشن جو ڪم ڪيو ۽ اچي ترميم ۾ پنهنجو حصو وجهو پوءِ هر مسئلي تي ڳالهيون ٿينديون ۽ آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪندو ته پوءِ ضروري ڪجهه ٿيندو توهان سان ته ڪجهه نه ناهي ٿو توهان نواز شريف جي ڌيءَ کي سندس والد جي سامهون گرفتار ڪرايو ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرايو تنهن ڪري اسين سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون ۽ جيڪڏهن توهان جمهوري ڪردار ۽ پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا نه ڪندئو ته جن کي اهو ڪم ڪرڻو آهي اهو اسان روڪي نه ٿا سگهون ۽ جيڪو ڪجهه توهان سان ٿيندو توهان اهو برداشت نه ڪندو، صدر زرداري کي 11 سالن تائين جيل ۾ وڌو ويو، پيپلز پارٽي وارا جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڀوڳيو پر توهان اهي برداشت نه ڪندو اسان اهي سڀي تڪليفون برداشت ڪيون آهن جيئن اسان جي ايندر نسل کي نه ڀوڳڻو پوندو ايندر نسل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کي ترجيح ناهي ڏيڻي، عوام کي موقعو ڏيڻو آهي اهي اسان کي توهان کي سڃاڻن ٿا ۽ عوام ڄاڻي ٿو ته چئن سالن جي دوران عوام سان ڇا ڪيو ويو، عمران خان جي دور ۾ پاڪستان پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ملڪي واڳون اسان جي هٿن ۾ آهن اسان اکين ۾ اکيون وجهي پاڪستان جي ترجماني ڪندا آهيون توهان جي دور ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ۽ زباني وار ڪندو ته توهان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا آهيو ۽ جڏهن هندوستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ته توهان پارليامينٽ ۾ اچي چيو ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو هاڻي مان وزير خارجه آهيان ۽ مودي جي اکين سان اکيون ملائي پوري دنيا سان ڳالهائي سگهان ٿو هي نوجوانن جو وقت آهي ۽ اهو وقت اچي ويو ته هاڻي اسان هن سليڪٽيڊن کي رٽائرڊ آئوٽ ڪيون ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيون جيئن هو اڳتي اچي ايوانن ۾ اچن ۽ پنهنجي ملڪ توڙي عوام جي نمائندگي ڪن هي هاڻي ماضي جا قصا بڻجي چڪا آهن جيڪي گهمي ڦري ۽ هلي نه سگهن ٿا اهي هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي جيئڻ ڏين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here