ڪنهن غير آئيني قدم جو حصو نه بڻجنداسين،پنجاب حڪومت کي بچائينداسين: آصف زرداري

0
75

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي بچائڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين
بلاول هائوس لاهور ۾ تبديل ٿيڻ سياسي صورتحال بابت اهم اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي وزيراعظم ۽ چوڌري شجاعت سان ملاقاتن تي اعتماد ۾ ورتو ويو
آصف علي زرداري چيو ته ايندڙ وقت ڏڦيڙ جي سياست ڪندڙ قوتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جمهوري استحڪام ۽ پارليامينٽ جا بالادستي خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون
ان کان اڳ ن ليگ جي اجلاس ۾ ن ليگ جي قانوني ٽيم قيادت کي پنجاب جي وڏي وزير خلاف اعتماد جي ووٽ جي آپشن تي وڃڻ جي صلاح ڏني
اجلاس ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال، اسيمبليون ٽوڙڻ جي بيان تي آئيني مشاورت مڪمل ٿي وئي ۽ اتحادين سان ايندڙ ٻه ڏينهن ملاقاتون ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي
اجلاس ۾ اعتماد جي ووٽ لاءِ گورنر کي لکت درخواست جمع ڪرائڻ جي آپشن تي اتفاق ٿي ويو، ن ليگ جي قانوني ٽيم به اعتماد جي ووٽ جي آپشن تي وڃڻ جي صلاح ڏني آهي
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪنهن غير آئيني قدم جو حصو نه بڻجنداسين ۽ پنجاب حڪومت بچائڻ لاءِ هر قدم کڻنداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here