جيڪڏهن ”ضمانت پارڪ“ ۾ رڳو هڪ عورت موجود آهي ته پوليس تي اندران گوليون ۽ پيٽرول بم ڪير هلائي رهيو آهي؟: مريم نواز

0
223

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو ته اهي ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ سوچين به نٿا

مريم نواز سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي رهائشگاهه اندران هڪ پيٽرول بم اهلڪارن ڏانهن اڇلايو پيو وڃي

ن ليگ اڳواڻ چيو ته هُن چيو هو ته هڪ دهشتگرد جماعت آهي، جنهن جي سربراهه قانون ۽ سزا کان بچڻ لاءِ شرپسند ۽ تربيت يافته دهشتگرد پنهنجي گهر ۾ رکيا آهن

سندس چوڻ هو ته اهڙا منظر اڄ کان اڳ رڳو دهشتگردي جي حوالي سان ڏسڻ لاءِ مليا، هاڻ خبر پئي ته جڏهن ان ”دهشتگرد“ کي زبردستي سياست ۾ آندو ويو، تڏهن کان ملڪ فتني ۽ ڏڦيڙ جو شڪار ڇو آهي؟ آڻيندڙ به پنهنجي بدترين انجام تي پهتا، هن جي سياست به پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن سدائين هٿين خالي جدوجهد ڪئي، قربانيون ڏنيون، پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت چوڻ يا عمران خان کي سياسي ليڊر چوڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيل سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد جي تذليل هوندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here