پرويز الاهي 11 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺي اسيمبلي ٽوڙيندو: ڪامل آغا

0
95

لاهور: ق ليگ جي اڳواڻ سينيٽر ڪامل علي آغا چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي 11 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺندو ۽ اعتماد جو ووٽ وٺندي ئي صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو.

نجي ي وي سان ڳالهائيندي ڪامل علي آغا چيو ته پرويز الاهي 11 جنوري تي ايندڙ عدالتي ٻڌڻي کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺندو، سندس ڪم 11 جنوري کان اڳ مڪمل ٿي ويندو.

هن دعويٰ ڪئي ته وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري تي دٻاءُ هو، رات تائين چيف سيڪريٽري جو موقف هو ته وڏي وزير کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن غير آئيني هوندو، پوءِ ضرور ڪو دٻاءُ هوندو، جنهن کانپوءِ چيف سيڪريٽري نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير کي هٽائڻ جو گورنر بليغ الرحمان جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا کي بحال ڪيو هو ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 11 جنوري تائين اسيمبليون نه ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here