عمران خان پاران 23 ڊسمبر تي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙڻ جواعلان

0
78

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته 23 ڊسمبر تي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين

لبرٽي چوڪ تي جلسي سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين  عمران خان چيو ته خوف آهي ته شفاف چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ ٻڏي ويندو، 50 سالن ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، 30 سالن کان جيڪي ملڪ لٽي رهيا هئا انهن کي مٿان ويهاريو ويو، چورن جو ٽولو ملڪ تباهه ڪري رهيو آهي

هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر سامهون بيهي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو چونداسين

سندس چوڻ هو ته  منهنجو سوال آهي ته رجيم چينج جو ذميوار ڪير آهي؟ جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي هئي ته چورن کي ڪنهن ويهاريو؟ انهن وٽ ڪو روڊ ميپ ناهي، چاهين ٿا ته چونڊون ملتوي ٿين، انهن کي شڪست جو خوف آهي.

 هن چيو ته بدديانت اليڪشن ڪمشنر انهن سان مليل آهي، لڳي ٿو ته اهي آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ڪرائيندا، چيف اليڪشن ڪمشنر کي طريقا ٻڌائيندا ته ڪيئن دير ڪجي، انهن کي ملڪ جي ڳڻتي ناهي، انهن جو پئسو ٻاهر پيو آهي، انهن تي ڪا ڏکيائي ايندي آهي ته ٻاهر ڀڄي ويندا آهن.

عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته حڪومت ڪيرائڻ جو هڪ شخص ذميوار آهي، اهو جنرل (ر) قمر جاويد باجوا آهي، هو آرمي چيف هو، تڏهن ان خلاف نه ڳالهائيندو هيس، اسان جي ڪوشش آهي ته فوج مضبوط ٿئي پر ان وقت جي آرمي چيف اسان کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو، باجوا ٻاهرين سازش جو حصو بڻجي اسان جي حڪومت ڪيرائي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here