سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي پٽيشن جلد ٻڌي،انصاف نه ٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا لڳايو: بلاول ڀٽو زرداري

0
115

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي پٽيشن جلد ٻڌي،انصاف نه ٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا لڳايو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن  6 اهم فيصلا ڪيا ويا آهن

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سي اي سي اجلاس ۾ شهيد ڀٽو جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جو آئين ڏنو، اهو  ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو آهي

  هن چيو ته  سي اي سي اسٽبلشمينٽ جي غير سياسي هئڻ جي آجيان ڪئي،اڳوڻي آرمي چيف جي ماضي جي غلطين کي مڃڻ جي آجيان ڪئي وئي

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان ۾ نفرت جي سياست کي هٿي وٺرائي رهيا آهن

 بلاول ڀٽو چيو ته سي اي سي سمورن سياسي پارٽين لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته دهشتگرد پاڪستان، انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن

 بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته دهشتگرد ڪنهن به رعايت جي مستحق نه آهن

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته غير جمهوري قوتن جو جمهوريت سان مقابلو ڪيو ويندو

هن چيو ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين

هن چيو ته افسوس آهي ته اڄ تائين شهيد ڀٽو کي انصاف نه ڏياري سگهيا آهيون،جڏهن ته انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا لڳايو

هن چيو ته  هو موت کان نٿا ڊڄن، انتهاپسندن جو مقابلو ڪيو ويندو  جڏهن ته عمران خان دهشتگردن جو سياسي فرنٽ مين آهي

 بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته عمران خان دهشتگردن کي اين آر او ڏنو

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان گڏ هلڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا ، جڏهن  ته ايم ڪيو ايم اسان سان ڪنهن به غير قانوني ۽ غير جمهوري فيصلي جي اميد نه رکي

بلاول ڀٽو چيو ته هو هميشه غير جمهوري قوتن کي جمهوري طريقي سان جواب ڏنو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here