پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ اميدوار واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، پي ڊي ايم اميدوار علي گيلاني طرفان مقرر وقت تي نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرائڻ تان حڪومتي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ خالي ٿي هئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت چيو آهي ته اپوزيشن سياسي ساک بچائڻ لاءِ فرار واري واٽ اختيار ڪئي، واثق قيوم جي سوڀ اصل ۾ عمران خان جي بيانيئي جي ڪاميابي آهي