اسرائيلي فورسز ۽ فلسطينن ۾ چڪريون جاري رھيون. والاريل بيت المقدس جي علائقي ھبرون ۾ چڪريون ٿيون.اسرائيلي فورسز فلسطينن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
جڏهن ته فلسطيني شھرين ٿيل بربريت تي اسرائيلي فورسز خلاف سخت نعريبازي ڪئي. فلسطيني شھرين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسرائيل فورسز اسانجي ماڻھن کي قتل ڪري مٿن تشدد ڪري رھي آھي. فسلطيني عوام گڏيل قومن کي اپيل ڪئي ته اسرائيلي بربريت جو فوري طور نوٽيس وٺي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.